نانگن سان وڊيوز رابي پيرازده کي ڳچيءَ پئجي ويون

نانگن سان وڊيوز رابي پيرازده کي ڳچيءَ پئجي ويون

لاهور (ڊيسڪ نيوز) لاهور جي ماڊل ٽائون ڪورٽ گلوڪاره رابي پيرزاده جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت ۾ رابي پيرزاده خلاف جهنگلي جيوت کاتي پاران جمع ڪرايل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن بعد گلوڪاره کي بغير اجازت جي جهنگلي حيات بنگلي اندر رکڻ واري ڏوهه تحت عدالت ۾ گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جا وارنٽ جاري ڪيا ويا. ڪيس جي ٻڌڻيءَ وقت گلوڪاره عدالت ۾ موجود نه هئي. واضح رهي ته گلوڪاره طرفان سوشل ميڊيا وسيلي اهڙيون وڊيوز رکيون ويون جن ۾ هوءَ نانگن، اذدها، واڳن ۽ ٻين جانورن سان گڏ نظر اچي ٿي. اهڙين وڊيوز آڌار جهنگلي جيوت جي تحفظ واري کاتي ڪارروائي ڪندي معاملي جي ابتدائي جاچ ڪئي ۽ جاچ بعد رابي پيرزاده خلاف چالان تيار ڪري عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو.    

پهنجو تبصرو موڪليو