نامعلوم ھٿيار بندن جي فائرنگ، نوجوان قتل

نامعلوم ھٿيار بندن جي فائرنگ، نوجوان قتل

دادو(ن س)دادو ۾ نامعلوم مبينا ھٿيار بندن جي فائرنگ ۾ مهمان ٿي آيل ڪوٽڙي واسي نوجوان سجاد کوسو قتل ٿي ويو مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو؛دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ايڪسائيز آفيس لڳ نامعلوم مبينا ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل ٿي ويو ڪوٽڙي واسي نوجوان سجاد ولد لطيف کوسو گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو،گوليون لڳل زخمي نوجوان زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو مقتول سجاد کوسو دادو ۾ پنهنجي ڦڦي وٽ مھمان طور آيل ھو جتي نامعلوم مبينا هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويو قتل ٿي ويل نوجوان جي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو نوجوان کي قتل ڪندڙ جوابدارن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي؛

پهنجو تبصرو موڪليو