ناليوارن اديبن جي مان ۾ ڪٺ، زبردست ڀيٽا پيش

ناليوارن اديبن جي مان ۾ ڪٺ، زبردست ڀيٽا پيش

دادو(رپورٽ عزيزالله خاصخيلي)سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو پاران سنڌ جي برک شاعرن اديبن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن الهنواز رڪڻائي ۽ بشير سيتائي جي مانَ ۾ ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان شاعرن اديبن شرڪت ڪري بشير سيتائي ۽ الهنواز رڪڻائي تي مقالا پڙهي کين ڀيٽا ڏني پروگرام جي صدارت ضلع رابطه سيڪريٽري دادو عبد مگسي ڪئي مهمان خاص ۾ مرڪزي پريس ترجمان آزاد انور ڪانڌڙو، ذوالفقار گاڏهي، خليل عارف سومرو، ممتاز رڏ، مير حاجن مير، وسيم آڪاش سيتائي، روح رڪڻائي هيا پروگرام جي ڪاروائي سنڌي ادبي سنگت دادو جي سيڪريٽري عمران سومرو ۽ رجب آزاد هلائي مير حاجن مير چيو ته بشير سيتائي سنڌي ۽ فارسي غزل جو منفرد شاعر هيو. وسيم آڪاش چيو ته بشير سيتائي علم عروض جو تمام وڏو عالم شاعر هيو. ممتاز رڏ چيو ته الهنواز رڪڻاڻي محبتن جو ڀنڊار هيو ۽ هو سراپا محبت هيو. بشير سيتائي جي شاگرد ملڪ وحيد چيو ته مان جو ڪجھ آهيان اهو اڄ بشير سيتائي صاحب جي ڪري آهيان جنهن منهنجي شاعري سان گڏ اخلاقي تربيت ڪئي. ذوالفقار گاڏھي چيو ته الهنواز رڪڻائي پنهنجي زندگي جا سگهارا سال سنڌي ٻوليءَ کي ڏنا ۽ ٻوليءَ تي عبور رکندڙ هيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو درياهي لهجو سندس جو شاهڪار ڪتاب آهي. رجب آزاد چيو ته بشير سيتائي ۽ الهنواز رڪڻائي عالم شاعر هيا جن جا شاگرد به سوين آهن ۽ اهي سندن جي ڇڏيل علم ادب هي راه تي گامزن آهن. خليل عارف سومرو چيو ته الهنواز رڪڻائي ۽ بشير سيتائي جو خال ڀرڻ تمام مشڪل آهي. موجوده دور ۾ اهڙو ڪو به شاعر ناهي جيڪو هنن ٻن عالمن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي سگهن. تابش بخاري چيو ته الهنواز رڪڻائي موسيقي جو نه تمام ڄاڻو هيو ۽ استاد بخاري جو همعصر ۽ دوست هيو ۽ بشير سيتائي کان مان به اصلاح ورتي هئي ۽ بشير سيتائي هڪ خوددار شاعر هيو جنهن پنهنجي زندگي اصولن تي گذاري. علي محمد درد سولنگي چيو اسان خوشنصيب آهيون جو اسان کي بشير سيتائي ۽ الهنواز رڪڻائي جي صحبت نصيب ٿي. مير چند اوڏ پنهنجي مقالي ۾ چيو ته بشير سيتائي پنهنجي شاعري ذريعي پيار محبت ڀائيچاري قائم ڪرڻ کي پنهنجو اهم فريضو سمجهو آهي. سجاد يوسف سومرو چيو ته اسان کي هنن انمول هيرن جي نقش قدم تي هلڻ گهرجي. آزاد انور ڪانڌڙو چيو ته بشير سيتائي ۽ الهنواز رڪڻائي شاعري سان گڏ تحقيق جو به وڏو ڪم ڪيو آهي جنهن کي فراموش نه ٿو ڪري سگهجي ۽ هي ٻئي عالم محبتن جا سفير هيا. نياز الاهي ابڙو، نماڻو صديق مهيسر، ضمير ڪوريجو، وفا ياسين چارڻ، عبدالشڪور چارڻ، اياز سيفي، وفا يايسن آرائين، برج لال بيوس، سرمد بروهي، ظفر شينو، منظور مولائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو