ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ناظم آباد نمبر 1 واري علائقي ۾ آئل ٽينڪر جي موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجڻ سبب موٽرسائيڪل تي سوار ٻه ڇوڪريون فوت ۽ هڪ ڇوڪرو زخمي ٿي پيو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته شروعاتي معلومات موجب ٻئي ڇوڪريون ڀينرون هيون. ٻئي ڇوڪريون پنهنجي ڀاءُ سان موٽرسائيڪل تي سوار هيون. پوليس موجب حادثي کان پوءِ ڊرائيور ٽينڪر کڻي فرار ٿي ويو، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ آئل ٽينڪر کي تحويل ۾ ورتو ويو.ايس ايس پي سينٽرل جو چوڻ هو ته شروعاتي معلومات موجب ٻئي ڀينرون روڊ ٽٽل هجڻ سبب موٽرسائيڪل تان ڪري پيون.










