ناصر شاھ طرفان روھڙي پريس ڪلب لاءِ 10لک جو چيڪ صدر حوالي

ناصر شاھ طرفان روھڙي پريس ڪلب لاءِ 10لک جو چيڪ صدر حوالي

 روھڙي (ن سنڌيار) صوبائي وزير اطلاعات سنڌ سيد ناصر حسين شاھ جي طرفان روھڙي پريس ڪلب لاءِ موڪليل ڏهن لکن جو چيڪ پ پ اڳواڻ ڪميل حيدر شاھ، روهڙي اسسٽنٽ ڪمشنر ناصر احمد عباسي ۽ ٻين پريس ڪلب پھچي چيڪ صدر مجاهد بوزدار ۽ جنرل سيڪريٽري اي ڊي گهنڃو حوالي ڪيو، ان موقعي تي سيد ڪميل حيدر شاھ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي صحافتي آزاديءَ تي يقين رکي ٿي ۽ پ پ قيادت هر پليٽ فارم تان هميشا صحافين جي حقن مسئلن جي حل لاءِ ڳالھ ڪئي آهي هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جي ڪوششن سان روھڙي ۾ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ وومين يونيورسٽي سميت ٻين تعليمي ادارن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اربين رپين جا فنڊ جاري ڪيا ويا آهن روھڙي جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان سڄي شهر اندر پاڻي جي نئين پائيپ لائينيون وڇايون ويون آهن جنهن سان پاڻيءَ جو وڏو مسئلو حل ٿي ويو آهي اسپورٽس جي راندين لاءِ فٽبال گانگوٽي گرائونڊ کي سينٿڪ ٽرف لڳائي جديد دور جو گرائونڊ بڻايو ويو آهي جتي نيشنل ايونٽ ڪرائي سگهجن ٿا ۽ شهر جي ٻين گرائونڊن لاءِ ترقياتي ڪم هلي رهيا آهن شهرين جي شڪايتن کي نظر ۾ رکندي مينهن جا واڙا ٻاهر ڪڍڻ ڪيٽل ڪالوني جو منصوبو جوڙيو ويو آهي صحافين سان ڳالهين کان پوءِ سيد ڪميل حيدر شاھ روھڙي پريس ڪلب جي ٽي ماڙ عمارت جي رهيل ڪنسٽرڪشن جي ڪمن جو جائزو ورتو ۽ ٺيڪيدار کي ڪم مڪمل ڪرائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ۽ صحافين سان هر سهڪار جو واعدو ڪيو ان موقعي تي سيد ڪميل حيدر شاھ سان گڏ، اسسٽنٽ ڪمشنر ناصر احمد عباسي، پ پ اڳواڻ سهيل سومرو، عرفان علي دائود پوٽو، چيف ميونسپل آفيسر منصور احمد ابڙو ۽ ٻيا گڏ هئا پ پ اڳواڻ سيد ڪميل حيدر شاھ ميڊيا سان ڳالھ ٻول ڪندي ٻي پاسي پريس ڪلب عھديدارن کي چيڪ ڏنو پيو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو