نادرا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل منير آفسر بحال

نادرا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل منير آفسر بحال

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ نادرا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل منير افسر کي بحال ڪري ڇڏيو.جسٽس چوڌري محمد اقبال تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.لاهور هاءِ ڪورٽ نادرا جي چيئرمين جي مقرري ڪالعدم قرار ڏيڻ وارو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.جسٽس چوڌري محمد اقبال پڇاڻو ڪيو ته درخواست ۾ ڪهڙي نوٽيفڪيشن کي چئلينج ڪيو ويو؟ حڪومتي وڪيل چيو ته درخواست ۾ نگران حڪومت جي چيئرمين نادرا جي مقرري جي نوٽيفڪيشن کي چئلينج ڪيو ويو، درخواستگذار جي درخواست نگران حڪومت جي نوٽيفڪيشن تائين محدود هئي، درخواستگذار ڪڏهن به نئين ڪردار کي چئلينج ناهي ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو