ابوجا(ويب ڊيسڪ) نائيجيريا ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ کان پوءِ 40 ماڻهو گم ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب، نائيجيريا جي رياست سوڪوٽو ۾ مشهور گورنويو مارڪيٽ ڏانهن مسافرن کي کڻي ويندڙ هڪ ٻيڙي اونڌي ٿي وئي.نائيجيريا جي نيشنل ايمرجنسي مئنيجمينٽ ايجنسي موجب، ٻيڙي تي 50 ماڻهو سوار هئا، جن مان 40 گم آهن ۽ ڳولا جاري آهي، جڏهن ته 10 ماڻهن کي بچايو ويو آهي.نائيجيريا جي ميڊيا موجب، حادثو ٻيڙي ۾ اوور لوڊنگ سبب ٿي سگهي ٿو، پر اختيارين اڃا تائين ان حوالي سان ڪجهه به نه چيو آهي. ياد رهي ته نائيجيريا ۾ اڳ به ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جا واقعا پيش آيا آهن، ۽ گذريل مهيني، نائيجيريا جي رياست نائيجر ۾ مسافرن کي کڻي ويندڙ هڪ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سان گهٽ ۾ گهٽ 13 ماڻهو مارجي ويا ۽ درجنين ماڻهو گم ٿي ويا هئا.










