پليٽيو (ويب ڊيسڪ)نائيجيريا جي پليٽيو اسٽيٽ ۾ امتحان دوران اسڪول جي عمارت ڊهي پٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ 22 شاگرد فوت ۽ 130 زخمي ٿي پيا.برٽش براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن موجب جڏهن اسڪول جي عمارت ڊهي پئي ته ان ۾ هڪ هزار شاگرد موجود هئا.ميڊيا رپورٽن موجب ڪيترن ئي شاگردن ۽ اسڪول جي عملي کي ملبي مان ڪڍيو ويو آهي جڏهن ته باقين کي ڪڍڻ جو ڪم جاري آهي.برطانوي نشرياتي اداري جو چوڻ آهي ته اسڪول جي عمارت ڪرڻ جو سبب اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو.ٻئي طرف مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اسڪول جي عمارت ڊهي پٽ جو سبب 3 ڏينهن کان جاري برسات ٿي سگهي ٿي.










