مڪمل ڪاغذن وارن مسافرن کي نه پيو روڪيو وڃي: نقوي

مڪمل ڪاغذن وارن مسافرن کي نه پيو روڪيو وڃي: نقوي

لاهور: (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير داخلا محسن نقوي چيو آهي ته مڪمل سفري دستاويزن سان ڪنهن به مسافر کي سفر ڪرڻ کان نه روڪيو پيو وڃي ۽ نه ئي روڪيو ويندو.وفاقي وزير داخلا محسن نقوي لاهور ايئرپورٽ جو دورو ڪيو ۽ مسافرن جي اميگريشن عمل جو جائزو ورتو، اميگريشن ڪائونٽرن تي مسافرن جي سفري تاريخ کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ سان ڳنڍڻ جي نظام جو مشاهدو ڪيو.گهرو وزير محسن نقوي فاسٽ ٽريڪ سسٽم تي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ۽ سندس ٽيم جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي. هن پرڏيهه ويندڙ مسافرن سان به ملاقات ڪئي ۽ اميگريشن عمل بابت پڇيو. هو پرڏيهه مان واپس ايندڙ مسافرن جي اميگريشن ڪائونٽرن تي به ويو.ان موقعي تي مسافرن اميگريشن عمل تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ايف آءِ اي عملي جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته اميگريشن عمل صرف 2 منٽن ۾ مڪمل ڪيو ويو. گهرو وزير جي دورن جي ڪري عمل اڳ کان وڌيڪ بهتر ٿيو آهي.وفاقي وزير داخلا محسن نقوي واضح ڪيو ته مڪمل سفري دستاويزن سان ڪنهن به مسافر کي سفر ڪرڻ کان نه روڪيو پيو وڃي ۽ نه ئي روڪيو ويندو، ۽ نامڪمل يا جعلي دستاويزن سان ڪنهن به مسافر کي سفر ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.هن چيو ته پاڪستان جي عزت اسان سڀني جي عزت آهي، ۽ ملڪ جي بدنامي ڪندڙ ڪنهن به مسافر کي سفر ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي.گهرو وزير جي دوري دوران ڊائريڪٽر ايف آءِ اي علي ضيا ۽ لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو