شڪارپور (ن س )شڪارپور کان ڪوئيٽا تائين 18 انچ جي گئس پائيپ لائين مچ جي ويجهو تباهه ٿي وئي.گئس پائيپ لائين متاثر ٿيڻ کان پوءِ بلوچستان جي ڪوئيٽا، مستونگ، پشين ۽ زيارت شهرن کي گئس جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي.سوئي سدرن گئس ڪمپني جي مطابق، ڪوئيٽا کي صرف لنچ جي وقت ۾ گئس فراهم ڪئي ويندي جيستائين پائپ لائن جي مرمت نه ٿي وڃي. گئس پائيپ لائين جو واقعو تخريبڪاري هئي يا ليڪ ٿيڻ اهو طئي ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي










