ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار همايون سعيد ڊراما سيريل “ميري پاس تم هو” جي شهرت ۽ ماڻهن کان ملندڙ محبت ۽ دعائن جو شڪريو ادا ڪيو آهي. هدايتڪار ۽ مصنف خليل الرحمان قمر جي ڊرامي ميري پاس تم هو ايتري شهرت حاصل ڪئي آهي جو ان کي پاڪستان جي تاريخي ڊرامن ۾ ياد ڪيو ويندو. ڊرامي ۾ همايون سعيد، عائزه خان، حراماني ۽ عدنان صديقي مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. همايون سعيد سوشل ميڊيا تي ڊرامي جي ڪاميابي ۽ ماڻهن کان ملندڙ محبتن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته جيتريون محبتون ان ڊرامي جي بدولت مليون آهن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اهڙو پيار ۽ دعائون ناهن ملي سگهيون. هن چيو ته پاڪستان کان علاوهه ٻاهرين ملڪ ۾ رهندڙ شوقينن جو به شڪريو ادا ڪيان ٿو جنهن کوڙ ساري محبت ڏني ۽ منهنجو ڊرامو ڏٺو اها صرف منهنجي يا منهنجي ٽيم جي ڪاميابي نه پر اسان جي پوري ڊراما ۽ فلم انڊسٽري جي ڪاميابي آهي. واضح رهي ته ڊرامي جي مقبوليت ۽ ڪاميابي کان پوءِ ان جي آخري قسط سينما گهرن ۾ رليز ڪئي وئي جتي وڏي تعداد ۾ شوقين پهچي ڊرامو ڏٺو. ڊرامي جي مرڪزي ڪردار دانش (همايون سعيد) جي موت شوقينن کي جذباتي ڪيو ۽ ماڻهو ڊرامي جي اختتام تي ناراضگي جو اظهار ڪيو.










