”ميري پاس تم هو” جو حصو بڻجي مايوسي ٿي؛ اداڪاره

”ميري پاس تم هو” جو حصو بڻجي مايوسي ٿي؛ اداڪاره

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي هن قت “ميري پاس تم هو” ڊرامي جا وڏا چرچا هلي رهيا آهن ته ٻئي طرف ڊرامي جي مصنف خليل الرحمٰن قمر جي بيانن سبب ان کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. انٽرنيٽ تي مقبول ٿيندڙ ان ڊرامي جي ڪاسٽ ۾ ڪيترائي معروف اداڪار ۽ اداڪارائون شامل آهن جنهن ۾ هڪ ماڊل ۽ اداڪاره رحمت اجمل به آهي. رحمت اجمل ان ڊرامي ۾ عائشه نالي ڇوڪري جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي جيڪا ڊرامي جي مرڪزي ڪردار دانش جي دوست آهي. پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پوسٽ ذريعي اداڪاره لکيو آهي ته مان ڄاڻي ٿي ته فنڪار هجڻ جي حيثيت سان اسان جي سماجي ذميواري آيه ته اسان اهڙو مواد پروڊيوس ڪيون جنهن سان مثبت پيغام ڏنو وڃي مان پنهنجي ان ذميواري کي بيحد سنجيدگي سان ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اداڪاره مطابق مون کي ڪيترن ئي ڏينهن کان پيغام ملي رهيا آهن جنهن ۾ نفرت انگيز جملا ۽ پريشانين جو اظهار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مان خليل الرحمٰن قمر جي نظرئي سان بلڪل اتفاق نه ٿي ڪيا مان اهڙي پراجيڪٽ جو حصو بڻجي فخر محسوس نه ٿي ڪري سگهان جنهن جي ليکڪ جا نظريا غلط هجن. اداڪاره پنهنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته ماڻهن کي نئين فنڪارن کي موقعي ڏيڻ گهرجي ته جيئن هو ڪجهه نه ڪجهه سکي وٺن.

پهنجو تبصرو موڪليو