مون کي ساٿي اداڪارائن شادين جي دعوت نه ڏني،حراماني

مون کي ساٿي اداڪارائن شادين جي دعوت نه ڏني،حراماني

ڪراچي ( ن س) اداڪاره حرا ماني هڪ انٽرويو جي دوران ڏوراپو ڏيندي چيو آهي ته مون کي ڪوبه فنڪار پنهنجي شادي ۾ ناهي گهرائيندو. شايد مان ڪنهن جي دوست ئي ناهيان جو مون کي ڪير به نٿو گهرائي.اداڪاره حرا ماني جي تازي ڏنل  انٽرويو جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو ميزبان ميرا سيڻهي  کي ڏوراپو ڏيندي نظر اچي رهي آهي ته ڪوبه اداڪار کيس پنهنجي شادي ۾ نٿو گهرائي. سڀني کان پهرين حرا ماني ميرا سيڻهي جو نالو وٺندي چيو ته مون کي ته اوهان به پنهنجي شادي ۾ نه گهرايو نه سجل علي گهرايو، نه ساره خان ۽ نه ئي اقرا عزيز. مون کي خبر ناهي ته مون کي شادي ۾ ڇو نٿو گهرايو وڃي. شايد مان انهن جي دوست ناهيان.حرا ماني جي ڳالهه جي جواب ۾ ميرا سيڻهي وضاحت ڪندي چيو ته مان پنهنجي شادي ۾ سمورن مهمانن کي واٽس ايپ جي ذريعي دعوت نامو موڪليو هو. ان ڪري جن ماڻهن جا نمبر مون وٽ هئا مون انهن سمورن ماڻهن کي پنهنجي شادي ۾ گهرايو. ميرا سيڻهي حرا ماني کان معافي گهرندي چيو ته مون کي معاف ڪريو  مان به پنهنجي شادي ۾ اوهان کي گهرائڻ وساري ويٺس، هاڻ ته مان اهو به نٿي چئي سگهان ته مان ٻئي ڀيري اوهان کي دعوت ڏيندس.حرا ماني ميرا سيڻهي جي ڳالهه جي جواب ۾  چيو ته مون کي ڪنهن به ناهي گهرايو، پر مان پنهنجي پٽ مزمل جي شادي ۾ سڀني کي گهرائيندس. واضح رهي ته حرا ماني جا 2 پٽ مزمل ۽ ابراهيم آهن. وڏي پٽ جي عمر 11 سال ۽ ننڍو پٽ 6 سالن جو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو