اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي معاملي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي.آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ٿيندڙ ٽيليفون رابطي ۾ ٻنهي اڳواڻن پي ڊي ايم اميدوار جي سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بنائڻ جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي آصف علي زرداري چيو ته پي ڊي ايم کي سينيٽ ۾ حڪومت تي واضح اڪثريت حاصل آهي سڀ يوسف رضا گيلاني ۽ غفور حيدري جي ڪاميابي لاءِ پراميد آهن.اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي لاءِ اسان جو هوم ورڪ مڪمل آهي. سمورن ميمبرن حمايت جو يقين ڏياريو آهي. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ۾ حڪومت هارس ٽريڊنگ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. حڪومت اسان جي ميمبرن کي ٽوڙيو ته سڀني کي عوام جي سامهون آڻينداسين.هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي واتان اخلاقيات جون ڳالهيون سٺيون نٿيون لڳن. اسان جي ميمبرن مٿان سنجراڻي کي ووٽ ڏيڻ جي لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. پي ڊي ايم سربراهه وڌيڪ چيو ته نمبرز اسان وٽ آهن. حڪومت صرف هارس ٽريڊنگ ڪري ئي کٽي سگهي ٿي. اسان جي سوڀ کي شڪست ۾ بدلايو ويو ته سڀ نامعلوم سامهون آڻينداسين.
مشهور خبرون










