مولائي ”نڪو بند ڀڳو آ نه دل ٽٽي آ“ ڪلام چورايوآهي،چانڊيو

ڊرگھ بالا(جي ايم لنڊ) ڪاڇي جي نالي واري فنڪار غلام حيدر عرف کٿوريو چانڊيو اڄ پريس ڪلب ڊرگھ  بالا پهچي ٻڌايو تہ موجوده فنڪار ممتاز مولائي طرفان ڳايل ڪلام  نڪو بند ڀڳو آ نڪا  دل ٽٽي آ، ڪلام جيڪو شاعر امجد چانڊيو جي نالي سان ڳايو آھي در اصل انهي ڪلام جو شاعر,مرحوم انور قمبراڻي آھي جيڪو ڪلام مون ڏھ  سال اڳ ڪاڇي جي مشھور بزرگ گاجي شاھ  جي ميلي تي ڳايو آھي جنهن جي رڪارڊنگ  ڪي ٽي اين چينل تي  موجود آھي هن وڌيڪ چيو تہ ٻين جي شاعري ۽ ڪلام ڳائي ممتاز مولائي ۽ امجد چانڊيو  نا انصافي ڪئي آھي جيڪا مقامي فنڪارن سان ويساھ گهاتي آھي هن ڪيسٽ ڪمپني مالڪن کي گذارش ڪئي تي ٻين جي شاعري ۽ ڪلام ڪاپي ڪندڙ فنڪارن ۽ شاعرن خلاف فوري طور قدم کڻي مقامي فنڪارن  سان نا انصافي بند ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو