مورو ۾ پورهيت جي نينگري ۾ پوليو جي تصديق

مورو ۾ پورهيت جي نينگري ۾ پوليو جي تصديق

مورو (مورائي اياز سولنگي) ڳوٺ الھداد عالماڻي جي رھواسي پورھيت مبين عالماڻي جي پنجن سالن جي ڌيءَ حسنا عالماڻي کي پوليو ظاھر ٿيو آھي جنھن جي اطلاع تي سندس ڳوٺ ۾ ڊاڪٽر غلام علي سولنگي ٽيم سان پھچي پوليو ۾ مبتلا نينگري جي چڪاس ڪئي ۽ تفصيل ورتا ان موقعي تي ھن ٻڌايو ته ڪجھ وقت پھريان نينگري حسنا عالماڻي جا جزا وٺي ليبارٽي موڪليا ويا ھئا جنھن بعد پوليو ظاھر ٿيو آھي ھتي پوليو جا ڦڙا پڻ پياريا ويا هئا . نينگري جي والد ٻڌايو ته مان مسڪين پورهيت آھيان صحت کاتي جي اعلي عملدارن کي اپيل آھي ته منهنجي معصوم نياڻي جو وقت سر اعلاج ڪرائي معذوري کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو