نوشهروفيروز (رپورٽر) مورو ويجھو قومي شاھراھ ٻيون ميل وٽ حادثو،ڪوچ جو رڪشا کي ٽڪر ٻه ڄڻا فوت، حادثي جي اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن پھچي لاش مورو اسپتال منتقل ڪيا. حادثو ڪوچ اوور اسپيڊ سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب پيش آيو آھي جنھن ۾ ٻه ڄڻا واحد بخش ٻگھيو ۽ اسرار ٻگھيو فوت ٿيا آھن ۽ ھڪ عورت مسمات سوناري باگڙي زخمي ٿي پئي پوليس ۽ ايڌي اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش مورو اسپتال آندا ويا جتي قانوني گهرجون پوريون ڪري لاش وارثن حوالي ڪيا ويا لاش گهر پهڻ تي ڪهرام مچي ويو هوڏانهن ڪوچ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو










