ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪار ۽ ميزبان فهد مصطفيٰ پنهنجي ساٿي اداڪاره مهوش حيات جي پراڻي بيان تي مزاحيه انداز ۾ طنز ڪيو آهي۔
جيو فلمز جي بينر هيٺ رليز ٿيل فلم زومبيڊ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي۔ هن فلم ۾ سپر اسٽار فهد مصطفيٰ وليد ۽ عالمي شهرت يافته اداڪاره مهوش حيات زارا جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي۔
فلم جي پروموشن لاءِ ٿيل هڪ انٽرويو دوران ٻنهي اداڪارن شرڪت ڪئي، جتي فهد مصطفيٰ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو، “مهوش ۽ مان ننڍپڻ کان گڏ ڪم ڪندا آيا آهيون، مهوش هميشه چوندي آهي ته مان ننڍي هئس ۽ فهد وڏو هو۔”
اداڪار جي ڳالهه تي مهوش حيات فوراً چيو، “چوان ڇا ٿي؟ هئس ئي ته، ان ۾ چوڻ واري ڪهڙي ڳالهه آهي؟”
فهد مصطفيٰ جواب ڏنو، “تون مون کان صرف ٻه سال ننڍي هئين، پوءِ ڇا ٿيو؟”
ان ڳالهه تي مهوش حيات کلندي چيو، “تون هڪ پروجيڪٽ ۾ منهنجي مامي جو ڪردار به ادا ڪيو هو!”










