لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي شهرن اوڪاڙه ۽ منڊي بهاءُ الدين ۾ عورت سميت 3 ڄڻا مارجي ويا.پوليس موجب اوڪاڙه جي علائقي 16 وون ايل ۾ زمين جي تڪرار تان 75 ورهين جي عورت کي قتل ڪيو ويو آهي.اوڪاڙه پوليس بزرگ عورت جي قتل جو ڪيس داخل ڪري 4 عورتن سميت 7 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.ٻئي پاسي منڊي بهاؤالدين جي علائقي ڪٿيالا شيخن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.منڊي بهاؤالدين پوليس موجب فائرنگ بعد جوابدار فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي.ٻنهي فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن ۽ زخمين کي علاج لاءِ اسپتال پهچايو ويو آهي.










