منهنجي خلاف ڪيس فواد چوڌري ۽ شيخ رشيد ٺاهيو: عطاءُ تارڙ

منهنجي خلاف ڪيس فواد چوڌري ۽ شيخ رشيد ٺاهيو: عطاءُ تارڙ

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ)ن ليگ اڳواڻ عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته منهنجي خلاف ڪيس فواد چوڌري ۽ شيخ رشيد ٺاهيو.گوجرانوالا جي وزيرآباد جڊيشل ڪامپليڪس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته جن ماڻهن ڪيس ڪيو اهي اڄ جيل ۾ آهن، مون پوليس اسٽيشن تي حملو ناهي ڪيو، ڪيس ڪوڙو هو. سياسي صورتحال تي ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم سان معاملا طئي ٿي ويا آهن، قيادت کي هاڻي بلوچستان جو دورو ڪرڻو آهي.ن ليگ اڳواڻ عطاءُ تارڙ به چيو آهي ته پنجاب ۾ في الحال سيٽ ايڊجسٽمينٽ جو ڪو به امڪان ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو