ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني مشهور اداڪاره، ميزبان، ڪاميڊين ۽ ليکڪا بشريٰ انصاري انڪشاف ڪيو آهي ته سندس اڳوڻو مڙس اقبال انصاري سندس شهرت کي برداشت نه ڪري سگهندو هو.تازو ئي بشريٰ انصاري هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي اڳوڻي مڙس اقبال انصاري کان طلاق وٺڻ جي حوالي سان کلي ڪري ڳالهائي. پنهنجي طلاق جي فيصلي تي ڳالهائيندي بشريٰ انصاري چيو ته مان سندس باري ۾ وڌيڪ ڳالهائيندي ناهيان ڇو ته هو انتهائي ذهين انسان ۽ بهترين هدايتڪار (ڊائريڪٽر) هو، توهان يقيناً ٻڌو هوندو ته هو پي ٽي وي جي بهترين ڊائريڪٽرن ۾ شمار ٿيندو هو، پر سندس طبيعت ۾ ڪاوڙ ۽ ڪيترا ٻيا مسئلا به موجود هئا. هن چيو ته اسان جو خانداني پسمنظر هڪ ٻئي کان تمام مختلف هو، اسان وٽ محبت ۽ اپنائيت جو اظهار کلي ڪري ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته هو اهڙو نه هو، ان کان علاوه به ڪيترا ئي معاملا هئا، انسانن ۾ عدم تحفظ ۽ احساسِ ڪمتري پيدا ٿي ويندي آهي ۽ اهو صرف اسان سان نه پر هر ڪنهن سان ٿيندو آهي. اداڪاره چيو ته هڪ مشهور ۽ ڪامياب عورت سان زندگي گذارڻ آسان ناهي هوندو، ان ئي موضوع تي مون “پاڪيزه” جي نالي سان هڪ ڊرامو به لکيو هو، جنهن ۾ آمنه شيخ مکيه ڪردار ادا ڪيو هو. بشريٰ انصاري چيو ته مان هڪ ڳالهه هميشه ورجائيندي آهيان ته ماڻهو لازمي طور خراب ناهن هوندا پر مختلف هوندا آهن، هر شخص پنهنجي اندروني ڇڪتاڻ مان گذري رهيو هوندو آهي، مردن جي به پنهنجي جدوجهد هوندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهي پاڻ به ناهن ڄاڻندا ته کين ڇا ڪرڻ گهرجي. طلاق جي فيصلي بابت گفتگو ڪندي هن چيو ته مان اهو نه چوندس ته منهنجو فيصلو تمام سٺو يا انتهائي ڏاهپ وارو هو ۽ نه ئي مان پاڻ کي گهڻو ذهين سمجهان ٿي، ڪڏهن ڪڏهن انسان پنهنجي زندگي جي مسئلن کان ڀڄي وڃڻ چاهيندو آهي ۽ مان به ان ئي ڪيفيت ۾ هئس، مون کي اها خبر ناهي ته معاملا ان حد تائين ڪيئن پهتا پر آخرڪار اسان جي طلاق ٿي وئي. هن ٻڌايو ته اسان جو خاندان اهڙو نه هو جتي والدين اهو چون ها ته چاهي جيتري به سختي هجي، شادي هر حال ۾ نڀائڻي آهي، منهنجو والد هميشه چوندو هو ته نه ڪنهن تي ظلم ڪريو ۽ نه ظلم برداشت ڪريو، هو مون کان ناراض ٿيندو هو ۽ پڇندو هو ته مون ايترا سال اهو سڀ ڪجهه ڇو برداشت ڪيو؟هن چيو ته ڪيترن ئي موقعن تي انسان طلاق جو فيصلو ان ڪري به ناهي ڪندو ڇو ته کيس پنهنجي مستقبل جو ڪو واضح سهارو نظر ناهي ايندو، مان به اهو ئي سوچيندي هئس ته جيڪڏهن سامهون وارو معافي گهري رهيو آهي ته هڪ ٻيو موقعو ڏئي ڳالهه ڪري وٺڻ گهرجي. بشريٰ انصاري اڳوڻي مڙس بابت ڳالهائيندي چيو ته اقبال انصاري هڪ سٺو پيءُ آهي، هو هاڻي به ٻارن جو پورو خيال رکي ٿو، شروعات ۾ ٻارن جون سموريون ذميواريون منهنجي ڪلهن تي هيون، ڊائپر تبديل ڪرڻ کان وٺي شروعاتي پرورش تائين ساري محنت مون ڪئي، پر هاڻي هو اسان جي نياڻين ۽ ڏوهٽن ڏوهٽين جي تمام گهڻو ويجهو آهي.










