منظور پشتين گرفتار

منظور پشتين گرفتار

چمن (ويب ڊيسڪ)پشتون تحفظ موومينٽ (پي ٽي ايم) جي سربراهه منظور پشتين کي بلوچستان جي سرحدي شهر چمن مان گرفتار ڪيو ويو.ڊپٽي ڪمشنر موجب پوليس، ليويز ۽ ايف سي جا اهلڪار باب چمن ويجهو معمول جي چيڪنگ ڪري رهيا هئا ته منظور پشتين جي گاڏي کي روڪڻ بدران هٿياربندن اهلڪارن تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن تي اهلڪارن جوابي ڪارروائي ڪندي منظور پشتين جي گاڏي جا ٽائر ڪيرائي ڇڏيا.هن چيو ته منظور پشتين ۽ ان سان گڏ هٿياربند گاڏيون کڻي فرار ٿي ويا، سرچ آپريشن بعد منظور پشتين کي گودام مان گرفتار ڪيو ويو.ڊپٽي ڪمشنر چيو ته منظور پشتين خلاف فائرنگ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف پشتون تحفظ موومينٽ جي ترجمان موجب منظور پشتين اڄ آل پارٽيز ٽريڊسمين ڪارڪنن جي ڌرڻي کي خطاب ڪيو، ڌرڻي کان ڪوئيٽا پهچندي ئي چمن پريس ڪلب وٽ اهلڪارن منظور پشتين جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي. .ترجمان جو چوڻ آهي ته گاڏي کي 8 گوليون لڳيون، هڪ عورت زخمي ٿي پئي، جنهن جو اسپتال ۾ علاج ڪيو پيو وڃي.پي ٽي ايم ترجمان موجب منظور پشتين پنهنجي ساٿين سان چمن شهر واپس آيو ۽ پاڻ کي گرفتاري لاءِ پيش ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو