ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ سنڌ اسيمبلي ۾ منشيات فروشي ۽ گداگر نيٽ ورڪ جي خلاف ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو، ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن ريحام اڪرم، ارسلان پرويز ۽ علي خريشيدي ٺهراءُ جمع ڪرايو، ايم ڪيو ايم ميمبرن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ گداگر مافيا پنڻ جو منعظم ڪاروبار هلائي رهيو آهي، گداگر مافيا ڏوهارين ماڻهن لاءِ جاسوس به ڪري ڪري ٿو، ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي جي علائقي سچل ڳوٺ ۽ گبول ڳوٺ ۾ سرعام منشيات وڪرو ٿي رهي آهي، سنڌ حڪومت منشيات فورشن سان گڏ انهن جي ڀٺڀرائي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري.










