ممتاز ڀٽو جو هاري پاڻي جي واري تان قتل

ممتاز ڀٽو جو هاري پاڻي جي واري تان قتل

نئون ديرو (ن سنڌيار)پاڻي تي واري ويل نوجوان نظر محمد پٽ رحمت الله ڀٽو کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو آهي، لاڙڪاڻي جي ڳوٺ غلام ڀٽو جو رھواسي مقتول ڳوٺ ٻرڙا ٻاھران رات زيتونن کي پاڻي ڏيڻ ويو ته کيس گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو آھي، صبح زمينن تي ويندڙ ڳوٺاڻن ٽيوب ويل تي لاش پيل ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، جنھن بعد پوليس پھچي وئي، ڊي ايس پي شاھجھان شاھ جو چوڻ آهي ته مقتول ممتاز ڀٽو جو ھاري آھي، واقعي جي جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو