ملڪ ۾ 26هين ۽ 27هين ترميم سان استحڪام آيو آهي: طلال

ملڪ ۾ 26هين ۽ 27هين ترميم سان استحڪام آيو آهي: طلال

فيصل آباد: (ويب ڊيسڪ) گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته ملڪ ۾ 26هين ۽ 27هين ترميم سان استحڪام آيو آهي. هن چيو ته پاڪستان هن وقت ڪنهن به قسم جو انتشار برداشت نٿو ڪري سگهي، سهيل آفريدي بطور خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير طور پنهنجون ذميواريون نڀائي. طلال چوڌري چيو ته فيصل آباد ۾ (ن) ليگ پنهنجي ڪارڪردگي سان کٽيندي، عالمن جو ملڪ ۾ امن، امان ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته ضمني چونڊن ۾ سيڪيورٽي جا انتظام مڪمل آهن. جيڪو تشدد ڪندو آهي اهو سياست نٿو ڪري سگهي. طلال چوڌري فيصل آباد ۾(ن) ليگ ضمني چونڊون آساني سان کٽيندي، (ن) ليگ جي حڪومت واري دور ۾ ئي ملڪ ۾ ترقي ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو