اسلام آباد ( رپورٽ الله وسايو گهوٽو)گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 74 مريض فوت ٿي ويا آهن ۽ 3هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشنز سينٽر (اين سي او سي) جي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 62هزار061 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 3هزار084 مريضن ۾ ڪورونا جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ، جن ۾ ڪورونا جي شرح 4.96 سيڪڙو رهي. اين سي او سي موجب ، 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب 74 وڌيڪ فوت ٿي ويا ، ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو مجموعي تعداد 20هزار251 ٿي ويو آهي اين سي او سي جو چوڻ آهي ته ڪورونا جا 536 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وينٽيليٽرز تي آهن ، جڏهن ته ملڪ جي اسپتالن ۾ 4 هزار 800 ڪورونا مريضن جو علاج ٿي رهيو آهي.










