ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 44 فوت،مثبت ڪيسن جي شرح ۾ واڌ

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 44 فوت،مثبت ڪيسن جي شرح ۾ واڌ

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ڪورونا سبب ملڪ ۾ وڌيڪ  44 ڪورونا جا مريص فوت ٿي ويا آهن ۽ 3هزار667 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ڪورونا جي شماريات ويب سائيٽ اين سي او سي  جي مطابق ، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 41هزار960 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا ، جن مان 3هزار667 ماڻهون ڪورونا وائرس کان متاثر ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي ، جڏهن ته وڌيڪ  44  مريض فوت ٿي ويا.سرڪاري رپورٽ مطابق ملڪ ۾ ڪورونا کان فوتين جو تعداد 13هزار843 ٿي چڪو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 6لک26هزار802 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 31هزار107 آهي.اين او سي سي جي مطابق ، 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا مثبت ڪيسن جي شرح 8.7 سيڪڙو رهي.ان کان علاوه ، 24 ڪلاڪ ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا کان 2092 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن صحتياب ٿيندڙن جو ڪل تعداد 5لک81هزار852ٿي چڪو آهي .سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک63هزار058 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 4هزار479 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک97هزار177 آهي ۽ وائرس سبب 5هزار974 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 19هزار327 آهي ۽ فوتين جو تعداد 203 آهي.خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 79هزار245  آهي ۽ 2هزار208 فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 11هزار609 ماڻهو وائرس کان  متاثر ٿيا آهن ۽ 333 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا مريضن جو تعداد 4هزار972  آهي ۽ 103 ماڻهون فوت ٿي  ويا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 51هزار414 آهي ۽ هن وقت تائين 543 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو