ملڪ ۾ سون في تولو 2200 رپيا مهانگو

ملڪ ۾ سون في تولو 2200 رپيا مهانگو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ملڪ ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ سون جو في تولو 2200 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 8 هزار 500 رپين جو ٿي ويو آهي. اهڙي ريت ڏهه گرام سون 1886 رپين جي واڌ بعد 1 لک 78 هزار رپين کان وڌي ويو آهي. هواڏنهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون في اونس 27 ڊالر مهانگو ٿيڻ 1999 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو