اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ جي 20 ضلعن مان 25 ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي جي تصديق ٿي آهي.نيشنل اي او سي موجب ڪوئيٽا، خضدار، لاهو، ملتان، نوري آباد، بنون، لڪي مروت ۽ بهاولپورسميت 20 ضلعن جي نمونن ۾ وائرس موجود آهي.نيشنل اي او سي جو چوڻ آهي ته ملڪ جي 31 ضلعن مان 35 ماحولياتي نمونن جي منفي تصديق ٿي آهي، مسلسل مهمن جي نتيجي ۾ پوليو وائرس جي پکيڙ ۽ ڪيسن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب، بلوچستان جي 9 ضلعن مان ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي، جن ۾ ڊاڪي، ڪيچ، لسبيلا، لورالائي، پشين، نصير آباد ۽ اوستا محمد شامل آهن. انهن ضلعن مان ماحولياتي نمونا 5 مارچ کان 19 مارچ تائين ورتا ويا.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ جو چوڻ آهي ته 21 کان 27 اپريل تائين سڄي ملڪ ۾ قومي پوليو مهم منعقد ڪئي ويندي. مهم دوران 45 ملين کان وڌيڪ ٻارن کي ويڪسين ڏني ويندي.نيشنل اي او سي والدين کان درخواست ڪئي آهي ته اهي پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کي يقيني بڻائين. مسلسل ويڪسينيشن پڻ قوت مدافعت وڌائي ٿي. ياد رهي ته گذريل مهم دوران 44 هزار کان مٿي والدين پنهنجي ٻارن کي ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪيو هو. جن مان 34000 ڪيس ڪراچي مان رپورٽ ٿيا آهن.










