ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڌيڪ برسات ۽ برفباري جي اڳڪٿي

ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڌيڪ برسات ۽ برفباري جي اڳڪٿي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڌيڪ مينهن ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.هڪ ٻيو مغربي موسمي نظام ايران ذريعي بلوچستان ۾ داخل ٿيو آهي، جنهن جي ڪري برفباري ۽ مينهن شروع ٿي ويو آهي.چمن شهر ۽ ان جي آس پاس ۾ تيز برساتن هيٺانهين علائقن کي پاڻي ڏئي ڇڏيو آهي. ڪوئيٽا وادي ۽ ان جي آس پاس ۾ هلڪي برفباري ٿي آهي، جڏهن ته زيارت ۽ قلات ۾ به برفباري ٿي آهي.موسميات کاتي اڱاري تائين ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڌيڪ مينهن ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات کاتي موجب بلوچستان، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير، خيبر پختونخوا، اسلام آباد، مري ۽ گليات ۾ برسات ۽ جبلن وارن علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي.ان کان علاوه، لاهور ۽ ملتان سميت پنجاب جي مختلف حصن ۾ وقفي وقفي سان برسات ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو