اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو)پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ حڪومت جي وچ ۾ نون شرطن تي سخت تنقيد ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رضا رباني چيو ته حڪومت عوام ۽ پارليامينٽ کي آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيل نئين شرطن سان اونداهي ۾ رکيو ، عوام ۽ پارليامينٽ کي آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل دستاويزن ذريعي انهن شرطن جي خبر پئي.رضا رباني چيو ته هن حڪومت جي غير شفافيت جي سخت مذمت ڪئي آهي.هن چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف سان 1.272 ٽريلن تائين ٽيڪس وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي ، حڪومت بجلي جي قيمتن ۾ 4.97 رپيا في يونٽ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي رضا رباني چيو ته پاڪستان جي معاشي خودمختياري آءِ ايم ايف کي گروي ڪئي وئي آهي.










