ملير ايڪسپريس وي تي ڪم مڪمل ڪيو وڃي: مراد شاهه

ملير ايڪسپريس وي تي ڪم مڪمل ڪيو وڃي: مراد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه رٿابندي ۽ ترقي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته ملير ايڪسپريس وي تي ڪم مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن پهرين مرحلي کي ايندڙ مهيني تائين ٽريفڪ لاءِ کوليو وڃي. هن اهي حڪم وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪيا. اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي وارو صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري توانائي مصدق خان، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاهه، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يونٽ جو سي اي او اسد ضامن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته سڄي پاڪستان مان شهري روزگار جي ڳولا، ڪاروباري موقعن ۽ رهائش لاءِ ڪراچي اچن ٿا تنهنڪري شهرين جي آبادي ۾ وڏي پئماني تي اضافو ٿيو آهي. آبادي ۾ واڌ سبب ٽريفڪ جو دٻاءُ وڌي ويو آهي ۽ شهر جي اهم شاهراهن تي ٽريفڪ جام جا واقعا معمول بڻجي ويا آهن. شهرين کي پيٽرول ۽ وقت جي ضايع جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. گوڙ ۽ ڌونهين جي ڪري ماحولياتي آلودگي ۽ حادثا پڻ وڌي رهيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ ٻه بندرگاهون آهن جتان وڏين گاڏين ۾ تيل ۽ ٻيو برآمدي سامان ملڪ جي باقي ملڪن کي سپلاءِ ڪيو وڃي ٿو جنهن سبب سپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي کان اڳ شهر جي روڊن تي ٽريفڪ جو سخت دٻاءُ آهي. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت مختصر متبادل رستي ذريعي شهر کي موٽر وي سان ڳنڍڻ جو فيصلو ڪيو. جاچ کانپوءِ حڪومت ملير نديءَ جي ساڄي ڪپ تي 50 ڪلوميٽر ڊگهو ڇهه لين ايڪسپريس وي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو قيوم آباد جي ويجهو ڪي پي ٽي انٽرچينج کان شروع ٿيندو ۽ ڪاٺوڙ وٽ ايم 9 موٽر وي سان ملندو. ڄام صادق پل کان شروع ٿيندڙ ملير ايڪسپريس وي تي ٽي پل ۽ هڪ انڊر پاس هوندو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڄام صادق پل کان قائدآباد تائين 15 ڪلوميٽر جو پهريون حصو 85 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي. قائدآباد کان ڪاٺوڙ تائين 38 ڪلوميٽر جي ٻئي حصي تي 35 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي. وڏي وزير رٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه کي هدايت ڪئي ته هو قائدآباد پل، شاهه فيصل انٽرچينج ۽ ملير ايڪسپريس وي تي اي بي ايم انٽرچينج جي ڪم جي ذاتي طور تي نگراني ڪن ته جيئن ايندڙ مهيني جي آخر تائين ملير ايڪسپريس وي جو پهريون حصو ٽريفڪ لاءِ کوليو وڃي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ملير ايڪسپريس وي جي ڪنارن ۽ سلاپس تي ڪم باقاعده بهتر انداز ۾ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو