سکر(بيورو رپورٽ) موٽر وي سينٽرل ريجن جي ترجمان چيو آهي ته ملتان سکر موٽر وي 16 جون کان صبح 9 وڳي کان شام پنجين وڳي تائين سفر جزوي طور معطل رهندو.
ترجمان سيد عمران احمد موجب بجلي جي هاءِ ٽرانسميشن لائين تي ميپڪو جي ڪم سبب موٽر وي بند رهندو. هيوي ٽريفڪ کي سکر کان موٽر وي تي اچڻ نه ڏنو ويندو، جڏهن ته ننڍيون گاڏيون سکر کان گڊو تائين اچي سگهن ٿيون ۽ گڊو کان نيشنل هاءِ وي تي کين موڙيو ويندو.
ملتان کان سکر ويندڙ ننڍين گاڏين کي اقبال آباد انٽرچينج وٽان نيشن هاءِ وي ڏانهن موڙيو ويندو. ترجمان اهو ناهي ٻڌايو ته بندش ڪيستائين جاري رهندي، پر چيو آهي ته وڌيڪ معلومات لاءِ 130 هيلپ لائين تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.
ترجمان موجب 148 ڪلوميٽر جو سفر موٽر وي بند رهڻ سبب ننڍين گاڏين لاءِ 2 ڪلاڪ ۽ وڏين گاڏين لاءِ 3 ڪلاڪ اضافي سفر ٿيندو، ان ڪري سفر ڪندڙ ان کي ذهن ۾ رکي رٿا بندي ڪن.










