ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پاڻي ۾ ڪيميڪل ملائي ڪري کير ٺاهڻ وارو جعلي ڪارخانو پڪڙيو ويو، خوراڪ ۽ آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو جي هدايتن تي فوڊ اٿارٽي پاران پاڻي ۾ ڪيميڪل ملائي نقلي کير ٺاھڻ واري جعلي فيڪٽري خلاف ڀينس ڪالوني ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي. کير کي ضايع ڪيو وئي. ان حوالي سان ڊي جي سنڌ فوڊ اٿارٽي مزمل هاليپوٽو ٻڌايو ته فوڊ اٿارٽي جي اي ڊي جي بلاول ابڙو ٽيم سان گڏ ملير جي علائقي ڪيٽل ڪالوني روڊ نمبر 8 تي پاڻي ۾ ڪيميڪل ملائي جعلي کير ٺاهڻ واري فيڪٽري تي ڇاپو هنيو سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل مزمل هاليپوٽو جو چوڻ هو ته 750 ڪلو پاڻي ۾ ڪيميڪل ملائي ڪري ٺهڻ وارو 750 ڪلو کير هٿ ڪيو ويو، جنهن مان 9000 ليٽر کير تيار ڪيو پيو وڃي. سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل مزمل هاليپوٽو جو وڌيڪ چوڻ هو ته 480 ليٽرز پاڻي ۾ ڪيميڪل ملائي ڪري تيار ٿيل کير پڻ ضايع ڪيو ويو ۽ عملي کي گرفتار ڪيو ويو آھي، وڏي مقدار ۾ ڪيميڪل سان ٺهيل کير ٺاهڻ جي نيٽ ورڪ ۾ ڪم ڪندڙ ڪافي عرصي کان گندو ڪاروبار ڪري رهيا هئا، وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪيئن پاڻي ۾ ڪيميڪل ملائي جعلي کير ٺاهيو پيو وڃي ۽ ڪيميڪل مان ٺاھيل کير ڪيٽل ڪالوني جو تازو کير ٻڌائي ڪري ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سپلاءِ ڪيو ويندو هو، انساني صحت کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو، جڏهن ته ڳجھي اطلاعات تي وڌيڪ مافياز جي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.










