ڪوالالمپور(ويب ڊيسڪ) ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم مهاتير محمد کي طبيعت خراب ٿيڻ سبب اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.اڳوڻي وزيراعظم جي صلاحڪار جو چوڻ آهي ته مهاتير محمد کي سانس جي نالي ۾ انفيڪشن سبب گذريل ڏينهن اسپتال داخل ڪيو ويو هو، جتي سندس علاج هلندڙ آهي.99 سالن جو مهاتير محمد ماضي ۾ دل جي تڪليف ۽ سرجري جو شڪار ٿي چڪو آهي، سندس آخري ڀيرو جولاءِ ۾ اسپتال داخل ٿيو هو.واضح رهي ته مهاتير محمد پهريون ڀيرو 1981ع کان 2003ع تائين ۽ پوءِ 2018ع کان 2020ع تائين ملائيشيا جو وزيراعظم رهيو، کيس 2 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين ملائيشيا جو وزيراعظم رهڻ جو اعزاز حاصل آهي.










