ٺٽو ( ن س)ٻھارا لڳ ڳوٺ علي محمد خاصخيلي ۾ معمولي ڳالھ تان خاصخيلي ۽ رند برادري ۾ جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڇريون لڳڻ ڪري 30 سالہ سونو ولد رمضان خاصخيلي موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏھن تہ 2 ڄڻا ڀٽو ولد رمضان خاصخيلي ۽ سندس ڀاء عطو ولد رمضان خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيا، فوتي جو لاش ۽ زخمين کي شيخ زيد ميڊيڪل سينٽر ميرپور ساڪرو منتقل ڪيو ويو، جتان فوتي جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏھن تہ زخمي ٻنھي ڀائرن کي اسپتال ۾ علاج ھيٺ رکيو ويو اھي، ٻنھي ڌرين ۾ ڪشيدگي برقرار اھي، حد جي پوليس حملي آور رند برادري جي ماڻھن جي گرفتاري لاء ڇاپن جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيو آھي، پر اڃان تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ اچي ناھي سگھي ۽ نه ئي ڪيس وغيرہ داخل ٿي سگھيو آهي ۽ نہ ئي جھيڙي جو ڪارڻ معلوم ٿي سگھيو اھي.










