مظفر آباد ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، شدت 4.2 رڪارڊ

مظفر آباد ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، شدت 4.2 رڪارڊ

مظفر آباد: (ويب ڊيسڪ) مظفر آباد ۽ ان جي آس پاس ۾ 4.2 شدت جو زلزلو محسوس ڪيو ويو.زلزلي جي مرڪز موجب، زلزلي جي کوٽائي 10 ڪلوميٽر زمين هيٺ هئي، جڏهن ته ان جو مرڪز بالاڪوٽ کان 10 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ هو.زلزلي کان پوءِ ماڻهو ڪلمه طيبه جو ورد ڪندي پنهنجن گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. شروعاتي رپورٽن موجب، زلزلي سان ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو