مستقبل ۾ مان چهرو اي آءِ کي وڪڻي سگهان ٿو: احد رضا

مستقبل ۾ مان چهرو اي آءِ کي وڪڻي سگهان ٿو: احد رضا

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪار احد رضا مير جو هڪ تازو انٽرويو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي، جنهن ۾ هن مزاحيه انداز ۾ چيو آهي ته هو مستقبل ۾ پنهنجو چهرو مصنوعي ذهانت (AI) کي وڪڻي سگهي ٿو.آمريڪا ۾ مداحن سان ملاقات دوران، احد رضا مير ٽيڪنالاجي، اداڪاري ۽ مستقبل جي منصوبن بابت کليل طور تي ڳالهايو.اداڪار چيو ته هن کي مصنوعي ذهانت دلچسپ ۽ خوفناڪ ٻنهي لڳي ٿي.هن چيو ته شايد ڪجهه سالن ۾ مان پنهنجو چهرو مصنوعي ذهانت کي وڪڻي ڇڏيندس، ته جيئن اهو پاڻمرادو منهنجي پرفارمنس ٺاهي سگهي.هن مزاحيه انداز ۾ وڌيڪ چيو ته پوءِ هڪ سال ۾ منهنجا ڏهه ڊراما رليز ٿيندا ۽ مان آرام سان ويهندس.احد جي دلچسپ تبصري تي مداح کلڻ لڳا.

پهنجو تبصرو موڪليو