اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عدالتي حڪم باوجود اڳوڻي پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري جي گرفتاري تي آءِ جي اسلام آباد خلاف توهين عدالت ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 28 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالتي حڪم باوجود شيرين مزاري کي گرفتار نه ڪرڻ تي آءِ جي اسلام آباد ناصر خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 28 سيپٽمبر تي ٿيندي.ان سلسلي ۾ آءِ جي اسلام آباد غير مشروط معافي گهري ورتي آهي، ڇا آءِ جي جي معافي قبول ٿيندي يا ڪارروائي ٿيندي؟ ان جو فيصلو ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيو ويندو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب آءِ جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو.










