لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مزاحمت کان پوءِ ئي مفاهمت ٿي سگهي ٿي، ملڪ صرف ڳالهين ذريعي ئي اڳتي وڌي سگهي ٿو. شاهه محمود قريشي چيو ته پي ٽي آءِ جي باني محمود خان اچڪزئي کي ڳالهين جو اختيار ڏنو آهي، هو بهتر طور تي فيصلو ڪري سگهي ٿو ته ڇا ڪجي، هڪ سوال تي هن چيو ته فواد چوڌري ۽ مان هڪ پارٽي ۾ هئاسين، جڏهن مان اسپتال ۾ هوس ته هو ملڻ آيو هو، هاڻي مان ان مهمان کي ڇا ٻڌايان جيڪو مون سان ملڻ آيو هو، هو مون سان ملڻ ڇو آيو؟ شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان افغانستان جي تمام گهڻي مدد ڪئي آهي، افغانستان کان اسان جو جائز مطالبو آهي ته ان جي زمين اسان جي خلاف استعمال نه ٿئي.هن چيو ته اسان امن چاهيون ٿا، افغانستان دهشتگردي خلاف اسان جو ساٿ ڏئي.پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين چيو ته ايراني سرحد تي صورتحال هن وقت ڪنٽرول ۾ آهي، اسان جنگ ۾ هندستان کي شڪست ڏني، الله اسان کي عزت ڏني آهي، هندستان کان خطرو اڃا تائين ٽاريو ناهي ويو.










