مريم کي چيف آرگنائيزر بڻائڻ جو فيصلو اکين تي آهي: اياز صادق

لنڊن(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ اياز صادق چيو آهي ته مريم نواز کي چيف آرگنائيزر بڻائڻ جو فيصلو ميان صاحب جي ذهن ۾ آهي.لنڊن ۾ نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ اياز صادق چيو ته شهباز صاحب حڪومتي معاملن ۾ مصروف آهي، مريم نواز جي مقرري سان تنظيم سازي ۾ بهتري ايندي.هن چيو ته هو پوري تياري سان پنجاب ۾ اليڪشن ۾ ويندس.هڪ سوال تي اياز صادق چيو ته عمران خان جي نااهلي جو فيصلو جلد اچڻ گهرجي. ميان صاحب کي تنخواه وٺڻ تي نااهل ڪيو ويو، ان حساب سان عمران کي ٻن زندگين لاءِ نااهل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو