مريم نواز ۽ احد چيما جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ نيب درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر

مريم نواز ۽ احد چيما جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ نيب درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مريم نواز ۽ احد چيما جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ داخل نيب درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون آهن.نيب شميم شوگر ملز ڪيس ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي الزام ۾ مريم نواز جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن کي عدالت ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ مريم نواز جي ضمانت واري درخواست تي 22 آگسٽ تي ٻڌڻي ڪندي.چيف جسٽس آف پاڪستان سان گڏ جسٽس اطهر من الله به بينچ ۾ شامل آهي.ٻئي طرف ايل ڊي اي جي اڳوڻي چيئرمين ۽ وزيراعظم جي اڳوڻي صلاحڪار احد چيما جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست به سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.نيب احد چيما تي مني لانڊرنگ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جا الزام هنيا آهن، جنهن ۾ ضمانت لاءِ درخواستون داخل ڪيون ويون آهن.چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ 25 آگسٽ تي نيب جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو