مريم نواز خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ بابت درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

مريم نواز خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ بابت درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

سکر (ن س)حڪمران پارٽي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر مريم نواز خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي.پي ٽي آءِ ضلعي صدر ايڊووڪيٽ ظهير بابر ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ سکر ۾ مريم نواز خلاف درخواست داخل ڪئي.درخواست تي عدالت ايس ايس پي سکر، ڊپٽي ڊائريڪٽر سائبر ڪرائم، فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.عدالت مريم نواز خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي 4 مارچ تي ملتوي ڪري ڇڏي.درخواستگذار چيو ته مريم نواز جلسن ۾ پاڪ فوج ۽ عدليه جي توهين ڪري رهي آهي، سندس خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو