شاهه پاران وسڪارن بعد سنڌ جي مختلف علائقن جو دورو،انتظاميه کي هدايتون

شاهه پاران وسڪارن بعد سنڌ جي مختلف علائقن جو دورو،انتظاميه کي هدايتون

ڪراچي (نمائندن وٽان): چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي هدايتن تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سخت برساتن دوران متاثر ضلعن جو دورو ڪيو. هلندڙ برسات ۾ وڏي وزير جو قافلو اڳتي وڌندو رهيو. شهر کان شهر گهمندي ڏکئي وقت ۾ ماڻهن تائين پهچندو رهيو. ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، سعيد غني، ڄام خان شورو، ذوالفقار شاهه ۽ مڪيش چاولا هئا. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ملير ندي جو دورو ڪيو ۽ چيو ته ملير ندي ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول موجب آهي. وڏي وزير گهگهر ڦاٽڪ وٽ روڊ تي پاڻي جمع ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊي سي ملير کي روڊ صاف ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير ٺٽو-ڪراچي قومي شاهراهه تي گهارو ڀرسان زير تعمير روڊ تي ڪلورٽ جو به معائنو ڪيو ۽ ڪلورٽس تي ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير ٺٽي شهر جو دورو ڪري برساتي پاڻي جي نيڪال جو جائزو ورتو. هن مڪاني ادارن کي هدايت ڪئي ته برساتن جي صورت ۾ پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي. ٺٽي کانپوءِ وڏي وزير سجاول پل تي درياهه جي پاڻي جي وهڪري جو جائزو ورتو ۽ بريفنگ ڏني. سجاول ٺٽي پل تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان ٿرپارڪر ضلعي ۾ تيز برسات ٿي رهي آهي. ڪراچي، ٺٽو، سجاول، بدين، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ شهيد بينظير آباد ضلعن ۾ وڌيڪ خطرو آهي. قمبر-شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، دادو ۽ ڄامشورو ضلعن کي کيرٿر جبل کان خطرو آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي تعمير بابت سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته اسان 21 لک گهر ٺاهي رهيا آهيون جتي هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهو رهندا. اهو دنيا جو سڀ کان وڏو پراجيڪٽ آهي، ان منصوبي تي هڪ سال کان ڪم جاري آهي ۽ لڳ ڀڳ 2 لک گهر ٺاهيا ويا آهن ۽ 6 لک تعمير هيٺ آهن. انشاءَ الله ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير جو منصوبو جلد مڪمل ڪيو ويندو. وڏي وزير سجاول شهر جو دورو پڻ ڪيو. سجاول جي مين روڊ جي تعمير ۾ دير ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي پاڻي نيڪال جو نظام جلد کان جلد ٺيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير سجاول روڊ جي تعمير ۾ دير جي ذميوار انجنيئرن خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪيو. سجاول ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي، ٺٽي، بدين، سجاول، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ۾ وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت سمورن وزيرن کي پنهنجن ضلعن ۾ برساتن دوران بحالي واري ڪم جا نگران مقرر ڪري ڇڏيا آهن، محمد علي ملڪاڻي ٺٽي ضلعي ۾ رين ايمرجنسي جو انچارج آهي، باقي ضلعن ۾ به انچارج سرگرم آهن. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي هدايتن تي پيپلز پارٽي جا ميمبر عوام جي وچ ۾ موجود آهن. هن وقت فصلن کي ايترو نقصان نه پهتو آهي، عوام کي نقصان کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت برساتن ۽ گٽرن جي صفائي ڪندي آهي پر جيڪڏهن گنجائش کان وڌيڪ برسات پوي ته ڪجهه نقصان ٿيندو. وڏي وزير بدين ۾ کورواهه چوڪ ڀرسان ڪارو گهگرو جو دورو پڻ ڪيو. وزير آبپاشي ڄام خان شورو ۽ سيڪريٽري ظريف کهيڙو وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪارو گهگھرو ٽنڊي محمد خان، بدين ۽ سجاول جي زمينن جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. وڏي وزير ڪارو گھگھرو ۾ پاڻي جي وهڪري کي اطمينان بخش قرار ڏيندي آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته ان جي سخت نگراني ڪئي وڃي. وڏو وزير جڏهن بدين شهر پهتو ته هو برسات دوران گاڏي مان ٻاهر نڪتو ۽ ماڻهن سان ملاقات ڪئي. هن بدين ۾ قائداعظم روڊ جو معائنو ڪيو ۽ ڊي سي بدين کي هدايت ڪئي ته برسات بند ٿيڻ سان ئي پاڻي نيڪال ڪيو وڃي. وڏي وزير سول اسپتال نالي جو معائنو ڪندي چيو ته برساتن سبب نالو مڪمل ڀرجي ويو آهي، جنهن ڪري پاڻي جي وهڪري ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي رهي آهي. برسات بند ٿيڻ سان ئي نالن کي صاف ڪيو وڃي. وڏو وزير بدين کان ٽنڊو محمد خان پهتو ۽ ٻوڏ متاثرن جي نون تعمير ٿيل گهرن جو معائنو ڪيو. وڏي وزير ڳوٺاڻن سان ملي ۽ ڳوٺاڻي انداز ۾ کانئن حال احوال پڇيو. رهواسين وڏي وزير کي ٻڌايو ته سندن گهر مٿي زمين تي ٺهيل آهن جنهن سبب هن ڀيري محفوظ آهن. ان موقعي تي ماڻهن جيئي ڀٽو جا نعرا پڻ هنيا. ٽنڊو محمد خان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته برساتي نالن ۾ پاڻي جي سطح اڃا به گهٽ آهي، سنڌو درياهه جي صورتحال معمول تي آهي ۽ ٻوڏ جو ڪوبه خطرو ناهي. وڏي وزير چيو ته اسان ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر ٺاهي رهيا آهيون جنهن ۾ سوا ڪروڙ ماڻهو رهي سگهن ٿا. 145 ملڪن جي آبادي هڪ ڪروڙ کان به گهٽ آهي، مطلب ته اسان سنڌ کي 145 ملڪن کان وڏو ملڪ بڻائڻ وارا آهيون. هن وقت تائين دنيا جو سڀ کان وڏو هائوسنگ پروگرام نيپال ۾ ٺاهيو ويو، نيپالي حڪومت زلزلي کانپوءِ 8 لک گهر ٺاهيا ۽ ان ۾ 5 سال لڳي ويا جنهن رفتار سان اسان ڪم ڪري رهيا آهيون، اميد آهي ته 3 سالن ۾ 21 لک گهر ٺهي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو