مراد شاهه بهتري ڪم ڪري پيو، تبديلي جو  امڪان ناهي

مراد شاهه بهتري ڪم ڪري پيو، تبديلي جو امڪان ناهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) زراعت، اينٽي ڪرپشن، راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته مراد علي شاهه بهترين ڪم ڪري رهيو آهي، سنڌ ۾ وڏي وزير جي تبديلي جو اڃان ڪوئي امڪان ناهي، پنهنجي بيان ۾هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير هڪ قابل انسان آهي ۽ ان جي سربراهي ۾ اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون، هن چيوته سنڌ حڪومت صوبي ۾ زرعي دوائون، ڀاڻ ۽ ٻج لاءِ زرعي گريجوئيشن جي ذريعي لائسنس جاري ڪرڻ جا شرط لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، زراعت واري وزير وڌيڪ چيوته اسان جي زرعي گريجوئيشن کي ضابطي طور ڪاروبار ۽ اسٽارٽ اپ لاءِ مالي مدد به ڪئي ويندي، محمد بخش چيوته سنڌ جي زراعت کاتي پاران ريسرچ سينٽر کي 43 عورتن کي ٽريڪٽر ۽ ٻين جديد زرعي مشينري جي استعمال ۽ سارسنڀال بابت تربيت ڏني وئي آهي ۽ عورتن کي لرننگ لائسنس به ڏنا ويا آهن، هن چيوته صوبي ۾ زرعي جنسن جي نقلي ڪمپنين جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو