نئون ديرو (ن س) درگاھ حسين آباد قمبر شريف جي گادي نشين مشهور مذهبي شخصيت سيد غلام حسين شاھ بخاري جي جنازا نماز درگاھ قمبر شريف ۾ نهايت عقيدت سان احترام سان پڙهائي وئي جنهن ۾ پوري پاڪستان کان سياسي سماجي بالا آفيسرن،مذهبي ادبي صحافي هر مڪتب فڪر سان واسطو رکندڙن سندس مريد عقيدتمندن شرڪت ڪئي سندس جو آخري ديدار مريدن ۽ عقيدت مندن کي ڪرايو ويو بعد ۾ سندس کي مٽي ماء حوالي ڪيو ويو،پوليس جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي هر طرف فقيرن جون اوڇنگارون پوري علائقي ۾ ماحول سوڳوارڇانيل رهيو ،هوڏانهن سندس وارث ڏنو ماڇي جو مريد فقير عطا حسين نوناري ،عقيدت مند غوثيا جماعت جو مريد فقير شاد محمود ڀٽو ،ڀائو محمد علي خان عمراڻي،۽ قمبر ،لاڙڪاڻو ،رتوديرو،نئون ديرو ،ڳڙهي خدا بخش ڀٽو،عزت جي وانڍ،۽ ٻين ضلعن تعلقن شهرن ڳوٺن جي ماڻهن درگاھ حسين آباد جي سرواڻ سيد غلام حسين شاھ قمبر واري جي شان ۾ پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته اسان اڄ اهڙي ھستي کان محروم ٿي ويا آهيون جنهن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ سان۽دلي سڪون ملندو هو اڄ اسان ان سهڻي ديني شخصيت کان محروم ٿيا آهيون مرشد قمبر وارو وڏي صبر وارو ماڻهو ۽ فقير طبيعت جو مالڪ هو، هنن ماڻهن جو وڌي چوڻ هيو ته اڄ قمبر شريف يتيم ٿي ويو اهڙيون هستيون تمام گهٽ پئدا ٿينديون آهن سائين سيد غلام حسين شاھ قمبروارو زنده ولي هيو هن جون ڪافي ڪرامتون هيون اسان هن جون ڪرامتون ڏسي ۽ ٻڌي تمام گهڻو پرايو هيو سي اڄ اسان جي مٿان شفقت جو هٿ لهي ويو اڄ پوري جماعت اهلسنت يتيم ٿي وئي،سائين ء جو وڇوڙو ڏکائيندڙ آهي اسان کي الله پاڪ جي رضا تي به راضي رهڻو پوندو ڇو جو هڪ ڏينهن موت جو مزو چکڻو آهي اسان جي دعا آهي ته الله پاڪ سائين درگاھ حسين آباد قمبرشريف جي گادي نشين سيد غلام حسين شاھ بخاري کي جنت الفردوس ۾ اعلي’ مقام عطا ڪندو ۽ پونئرن سميت اسان کي به صبر جي توفيق عطا فرمائي،










