مخالف ڌر جي سينيٽرن ۽ ميمبرن جي اسپيڪر سان ملاقات

مخالف ڌر جي سينيٽرن ۽ ميمبرن جي اسپيڪر سان ملاقات

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)مخالف ڌر جي سينيٽرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان ملاقات ڪئي.اياز صادق سان ملاقات ڪندڙن ۾ سينيٽر علامه راجا ناصر عباس، فيصل جاويد خان، اسد قيصر، بئريسٽر گوهر، اقبال آفريدي ۽ عاطف خان شامل هئا.انهن کان علاوه ڊاڪٽر امجد علي، لطيف کوسا ۽ جمال احسن خان پڻ ملاقات ڪندڙن ۾ شامل هئا.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق مخالف ڌر جي ميمبرن کي پنهنجي چيمبر ۾ ڀليڪار ڪيو.هن چيو ته اسان جو تعلق ڀائيچاري ۽ رواداري جو آهي، جيڪو سياست کان وڏو آهي. مان 2014 کان توهان ڀائرن سان رابطي ۾ آهيان.اياز صادق چيو ته، “سياست زندگي لاءِ ناهي، ختم ٿي ويندي آهي، اسيمبلي جي ميمبرن جو اهڙو تعلق هجڻ گهرجي جيڪو زندگي لاءِ رهي، مون هر موقعي تي ڳالهين جي ڳالهه ڪئي آهي، سڀئي مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪيا ويندا،هن چيو ته، “بئريسٽر گوهر پي ٽي آءِ جي باني جي خاندان جي ميمبرن جي ملاقات جو معاملو اٿاريو،مخالف ڌر جي وفد جي ميمبرن اسپيڪر پاران مخالف ڌر ۽ حڪومت جي وچ ۾ سهولتڪاري جي تعريف ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو