اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان فچ ريٽنگز ۽ ايس اينڊ پي گلوبل جي نمائندن ملاقات ڪئي.ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات دوران ناڻي واري وزير ٽيڪسيشن، توانائي ۽ نجڪاري جي ترجيحي شعبن ۾ جاري سڌارن تي روشني وڌي.محمد اورنگزيب ايم ڊي آءِ ايم ايف، صدر ورلڊ بينڪ، اي آءِ آءِ بي ۽ اي ڊي بي جي نمائندن سان ملاقاتن جو حوالو ڏنو.ناڻي واري وزير چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ ڊجيٽلائيزيشن ايجنڊا حڪومت جي ترجيحن جي مطابق آهي.بيان موجب ناڻي واري وزير سعودي عرب جي امڪاني سيڙپڪاري جو به ذڪر ڪيو.










