مجاز اختيارين ايڪس کي بحال ڪرڻ جي  منظوري ڏئي ڇڏي،ايف آءِ اي

مجاز اختيارين ايڪس کي بحال ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي،ايف آءِ اي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) کي 15 مهينن تائين پابندي کان پوءِ بحال ڪيو ويو آهي.وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) پاران پي ٽي اي کي جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته مجاز اختيارين پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس جي خدمتن جي بحالي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.17 فيبروري 2024 تي ايڪس تي جاري ڪيل پابندي جو خط واپس ورتو ويو آهي.هن منظوري کان پوءِ، ايڪس کي تقريباً 15 مهينن کان پوءِ پاڪستان ۾ بحال ڪيو ويو.اهو ياد رکڻ گهرجي ته ايڪس جي بندش دوران، پاڪستاني سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ وي پي اين جي مدد سان پليٽ فارم استعمال ڪري رهيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو