ميرپور ماٿيلو ( رپورٽ ظھير وسير ) ميرپور ماٿيلو ۾ بااثر انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا چوري جي الزام هيٺ ٻن نوجوانن کي گارڊر ٽنگي ڇڏيو ،بي رحماڻو تشدد وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي گھوٽڪي جو نوٽس بااثر سميت ٻئي چور گرفتار بااثر کي بچائڻ لاءِ ڀوتار سرگرم ، تفصيل موجب ميرپور ماٿيلو ٿاڻي کان سڏ پنڌ تي واقع وڏيري علي گوھر نائچ جي شادي ھال تي گزريل رات ھڪ ديڳ مبينه طور چوري ٿيڻ جي الزام هيٺ وڏيري نديم قريشي پنھجي عدالت لڳائيندي ٻن نوجوانن ناصر ۽ سلطان خشڪ کي رسن سان ٻڌي سموري رات بي رحماڻو تشدد ڪرڻ بعد صبح جو گارڊر تي لٽڪائي ڇڏيو اھڙي قسم جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي گھوٽڪي نوٽس ورتو جنھن بعد پوليس انسانيت جا ليڪا لتاڙيندڙ بااثر نديم قريشي سميت ٻنھي چورن کي ٿاڻي تي کڻي آئي جتي جاچ جاري آهي ٻي پاسي اھڙي قسم جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد شھرين پاران بااثر نديم قريشي خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي پر آخري اطلاعن تائين اھڙي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ھو پوليس ۽ وڏيري ۾ ڳالھيون ھلندڙ ھيون










